حيدرآباد (پ. ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ ٻين مرڪزي عھديدارن، آزاد انور ڪانڌڙي، فائزہ ايوب، خطائي ٿيٻي، حسين سارنگ ۽ رمضان ميمڻ سنڌ سرڪار جي معدنيات کاتي جي وزير خدا بخش مري پاران رينجرس، پوليس جي اٽالن ۽ ڪجھ مقامي دلالن سان گڏ ڪارونجھر جو دورو ڪري ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ کوٽائي کي معاشي ترقي لاءِ ضروري قرار ڏيڻ ۽ ٽيھ سيڪڙو ٺيڪا مقامي ٺيڪيدارن کي ڏيڻ جي لالي پوپ ڏيڻ واري اعلان کي سنڌ دشمني ٿر جي فطرت ۽ ماحوليات جو قتل قرار ڏيندي, وزير موصوف جي اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪئي آھي.مرڪزي عھديدارن ڪارونجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الھرکيي کوسي ۽ ساٿين پاران ڪارونجھر بچايو تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ضلعي رابطا سيڪريٽرين کي ھدايت ڪئي آھي تہ, ڪارونجھر جي مسئلي تي سڀني شاخن جي سھڪار سان 30 ڊسمبر تي ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا وڃن.