ڪارونجهر ڪٽائي جي مخالفت نه پر ڪٽائي جو اعلان ملڪ دشمني آهي: عوامي تحريڪ

مٺي:سنڌ جي نگران وزير خدا بخش مري طرفان ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف جدوجهد ڪندڙن کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ وارو بيان انتھائي شرمناڪ آهي،عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار وڪيل وسند ٿري اوڀايو جوڻيجو عوامي تحريڪ ضلعي صدر وڪيل ديوتراء پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جا اعلان خود ملڪ دشمني آهن،سنڌ جي نگران وزير هڪ دفعو وري ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جو رينگٽ شروع ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي سنگين لتاڙ ڪئي آهي. خدا بخش مري ملڪي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي عدالتي حڪمن جي توهين ڪئي آهي. سنڌ جي نگران وزیر خدا بخش مري مٿان توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪنھن به چونڊيل ۽ نگران سرڪار کي ڪارونجھر جبل سميت سنڌ جي ڪنھن به سياحتي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن ۽ معدنيات جي نيلامي جو ڪو به آئيني اختيار ڪونھي. ڪارونجھر جبل سنڌي قوم جو گڏيل ثقافتي ورثو ۽ قومي ملڪيت آهي. سنڌ جو عوام ساه جي آخري گهڙيءَ تائين ڪارونجھر، گورک، کيرٿر نيشنل پارڪ، هاليجي، ڪينجهر ،گنجو ٽڪر، منڇر سميت پنھنجي سمورن ثقافتي ماڳن جي حفاظت ڪندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.