ڪراچي ۾ فائرنگ جا واقعا، دڪاندار مارجي ويو، هڪ زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ ھڪ ڄڻو قتل جڏهن ته ھڪ شھري زخمي ٿي پيو. ڪورنگي جي علائقي ضياءُ ڪالوني ۾ بيلچا ھوٽل لڳ موٽر سائيڪل تي سوار اڻڄاتل جوابدارن گوليون هڻي دڪاندار کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو  مڙهه اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مقتول جي لاش جي سڃاڻپ محمد سليم پٽ عظيم جي نالي سان ٿي. ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. اورنگي ٽائون سيڪٽر 13 جي ڀرسان شميم شھيد پارڪ لڳ فائرنگ ۾ فيضان ولد اقبال زخمي ٿي پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.