ڪراچي جي موبائيل مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي، ڪيترائي دڪان سڙي رک، ڪروڙن جو نقصان

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ درجن کان وڌيڪ دڪان ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين روپين جو مالي نقصان ٿيو. شاهجهان موبائيل مارڪيٽ جي هڪ دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تيزيءَ سان پکڙجي ڪيترن ئي دڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. اطلاع تي فائر برگيڊ جون گاڏيون واقعي واري هنڌ پهتون. اهلڪارن دڪانن جا تالا ۽ شٽر ٽوڙي 5 ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آندو،باهه لڳڻ سبب درجن کان وڌيڪ دڪان سڙي رک ٿي ويا. فائر برگيڊ عملدارن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، پر ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد باهه لڳڻ جو سبب واضح ٿيندو. فائر برگيڊ هيڊڪوارٽر جي بجلي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند هجڻ سبب فائر برگيڊ ٽيم کي پاڻي جي فراهمي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. اليڪٽرڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان چيو آهي ته باهه لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ دڪان متاثر ٿيا آهن. مارڪيٽ جي گرائونڊ فلور تي 800 کان وڌيڪ دڪان آهن. شروعاتي اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب 80 کان 100 دڪان ۽ ڪروڙين رپين جو سامان سڙي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.