ڪراچي (رپورٽر ) اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين منهاج گلفام چيو آهي ته صدر موبائل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منهاج گلفام چيو ته شاهجهان مارڪيٽ، بسم الله مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي واري مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي. هن چيو ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، بازار ۾ تنگ گهٽين سبب باهه پکڙجي وئي ۽ دڪانن کي باهه لڳي وئي ٻئي پاسي جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ بابت جاچ جاري آهي، باهه لڳڻ سبب 10 دڪان مڪمل طور سڙي ويا آهن جڏهن ته 100 کان وڌيڪ دڪان متاثر ٿيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، باهه تي 8 فائر ٽينڊر ۽ 2 واٽر بورڊ جي گاڏين جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه لڳڻ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي. فائر برگيڊ عملدارن موجب موبائيل مال جي باهه تي 10 گاڏين جي مدد سان ڪنٽرول ڪيو ويو، جڏهن ته ڪولنگ جو عمل به مڪمل ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن، باهه لڳڻ سبب موبائل فون جا ڪيترائي دڪان سڙي رک ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب دڪانن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو سامان سڙي ويو آهي.