ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل نويد انور چيو آهي ته ايراضين کي ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن لائنز ايريا ۾ ڪي ڊي اي پارڪنگ پلازا جي دوري دوران ڪيو.
هن چيو ته ذڪر جوڳين ڪاميابين باوجود وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جنهن جا اثر جلد ظاهر ٿيندا، اداري جي آمدني ذريعن ۾ واڌ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، جن ۾ ٻين ادارن جي رهتن جون صوليون، پلاٽن سميت ڪي ڊي اي ايراضين جي نيلامي، چارج پارڪنگ، ڪرائي جي مد ۾ آمدني شامل آهي.
نويد انور پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شڪيل صديقي کي هدايتون جاري ڪيون ته پارڪنگ پلازا ۾ قائم 80 کان وڌيڪ آفيسن ۽ ستين ماڙ جي فلور جي ڇت کي فعال ڪرڻ لاءِ هاڪاري راءِ ۽ تجويزون جوڙي پيش ڪيون وڃن، گڏوگڏ پارڪنگ پلازا کي فعال ڪري لائنز ايريا جي شهرين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، لاڳاپيل اختياريون شهرين جي بهتر مفاد لاءِ راءِ ڏين.
سندس چوڻ هو ته رهائشي، ڪمرشل، صنعتي، فليٽ سائٽ ۽ رفاحي پلاٽن جي مالڪن کي رهتن جي ادائيگي لاءِ نوٽيس ذريعي آگاهه ڪيو وڃي ته رهتن جي ادائيگي مقرر وقت تي ممڪن ٿي سگهي، عدم ادائيگي جي صورت ۾ انهن جا پلاٽ رد ڪيا ويندا.
ڊي جي ڪي ڊي اي چيو ته لائنز ايريا ۾ ڪي ڊي اي جي ايراضي تي موجود حددخلين جو سئو سيڪڙو خاتمو يقيني بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، ڪي ڊي اي جي ايراضين کي ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ادارو ماضي جي شاندار روايتون برقرار رکندي شهرين جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
ايراضين کي غير قانوني سرگرمين لاءِ قطعي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين: ڊي جي ڪي ڊي اي
You might also like