اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي. توشا خانا فوجداري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ فيصلو جاري ڪيو. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ عدالت طرفان سزا معطل ڪيل آهي پر پي ٽي آءِ باني نااهلي ختم ڪرائڻ لاءِ مڪمل فيصلو معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.