گئس قيمتن ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نگران حڪومت  پاران ٽيڪسٽائل صنعت کي ڏنل گئس جي قميتن ۾ اضافي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس جي سي پاران گئس قميتن ۾ اضافي جي نوٽيفڪشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته نوٽيفڪشن معطلي صرف درخواستگذارن تي لاڳو ٿيندو، عدالت طرفان ايس ايس جي سي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا، اسٽي آرڊر صنعتن جي لاءِ آهي جيڪي ست ڏينهن ۾ اضافي رقم ناظر وٽ جمع ڪرايو وڃي، جيستائين درخواستن تي فيصلو نٿو ٿئي اضافي بل جي رقم ناظر وٽ جمع ٿيندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.