ميڊيا جي آزادي ختم ڪرڻ تي انتهائي ڳڻتي آهي: سي پي اين اي

ڪراچي (پ ر) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اي) پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽس ( پي ايف يو جي ) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽر ايمنڊ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي سلب ڪري عوام کي معلومات جي حق کان محروم رکڻ انتهائي ڳڻتي وارو عمل آهي، ايمنڊ، پي ايف يو جي ۽ سي پي اين اي چيو ته عدليه  جا ڪجهه فيصلا جنهن ۾ سائفر سميت ڪجهه اهم ڪيسن جي ڪوريج تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي اها حيران ڪندڙ آهي، ڪجهه اهم نوعيت جي اهم ڪيسن جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي عوام کي معلومات جي حق کان محروم رکڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، هنن چيو ته اخبارن ۽ چينلز کي رياستي ادارن جي دٻاءُ، غيرقانوني ۽ غير اعلانيل سنسر شپ، من پسند مواد جي تشهير تي زور، عدالتي ۽ سياسي ڪوريج تي پابندي، صحافين ۽ چينلز تي دٻاءُ جهڙن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، پيمرا ۽ رياستي ادارن جي ذريعي دٻاءُ وڌائي خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس فائز عيسيٰ ۽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کان مطالبو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا کي پيش ايندڙ صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اظهار جي آزادي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.