اڪثر ٽي وي چينل مالڪن ۽ اينڪرز جو صحافت سان تعلق ئي ناهي: زاهد حسين

حيدرآباد(رپورٽر)شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب فيس ٽو فيس جي ليکڪ ، مشهور صحافي ۽ ڪالم نويس  زاهد حسين چيو آهي ته 70 سيڪڙو ٽي وي چينل جي مالڪن ۽ انهن چينلن جي اينڪر پرسنز جو صحافت سان پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي ۽ نه ئي اهي صحافتي گهرجن تي پورا لهن ٿا. اهڙو اظهار ڪالهه هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات دوارن ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا صحافت جو ٽرينڊ تبديل ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته ماضي جو ڪجهه دور صحافت لاءِ بدترين دور هو پر ان جي باوجود صحافي مزاحمت ڪندا هئا اڄ جيڪا ٿوري گهڻي صحافتي آزادي آهي اها ان صحافتي مزاحمت جي ڪري آهي هن چيو ته ماضي ۽ حال کي ڀيٽيو وڃي ته انهن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿو ٿئي 30 سال اڳ ۾ جيڪي سياسي ۽ سماجي اشوز هئا اهي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن ۽ انهن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي 30 سال اڳ ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت جدوجهد جاري رهندي هئي ۽ بهتريءَ جي اميد نظر ايندي هئي پر هاڻي ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ بند گهٽي ۾ پهچي ويا هجون ، هن چيو ته موجوده دور ۾ غير مهذب سياست کي هٿي ملي آهي ، سياست فيملي انٽرپرائيزز ٿي وئي آهي ۽ لڳ ڀڳ سڀ سياسي پارٽيون غير مهذب بڻجي ويون آهن. جنهن سبب ملڪ ۽ قوم مستحڪم ٿيڻ بدران غير مستحڪم ٿي رهيا آهن هن چيو ته ميڊيا ۾ سينسر شپ پهريان به هوندي هئي پر هاڻي اها تمام گهڻي وڌي وئي آهي هر چينل ۽ اخبار ۾ ساڳيون خبرون نظر اچن ٿيون  ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي سيڪريٽري جنرل حميد الرحمان ميزباني جو فرض سرنجام ڏنو ، آخر ۾ ڪتاب جي ليکڪ زاهد حسين ۽ پبلشر امينه سيد کي سنڌ جا روايتي تحفه به پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.