اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد پهتل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي لانگ مارچ قافلي تي اسلام آباد پوليس جو وحشياڻو تشدد، واٽر ڪينن ۽ شيلنگ،عورتن،بارن کي گهلي پوليس گاڏين ۾ واڙيو ويو، سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر،خبر موجب ڪالهه رات بلوچن جي جبري گمشدگين، عدالت کان مٿاهن قتل واقعن ۽ سي ٽي ڊي هٿان بالاچ بلوچ جي شهادت واقعي خلاف رڪاوٽن باوجود سلام آباد ويجهو پهتل لانگ مارچ قافلي کي وفاقي راڄڌاني ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، رات جي اونداهي ۾ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن تي سخت ٿڌ ۾ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، آنسو گئس ۽ لٺبازي بعد عورتن ٻارن سميت سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، مظاهرين خلاف ترنول ۽ڪوهسار ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 144 جي ڀڃڪڙي، ڪار سرڪار ۾ مداخلت، زبردستي دڪان ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ ،سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، عورت پوليس اهلڪارن سان ڇيڙڇاڙ ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، اسلام آباد پوليس مطابق گذريل رات 283 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ۽ انهن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، مظاهرين کي احتجاج لاءِ اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۽ ايڇ نائن جي آڇ ڪئي وئي پر انهن ڊي چوڪ وڃڻ جو ضد برقرار رکيو،پوليس مطابق جڏهن مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، ۽ آنسو گئس جو استعمال به ڪيو ويو،جڏهن ته پوليس جي وحشياڻي ڪارروائي سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ٿيڻ ۽ وفاقي سرڪار پاران ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي اعلان کانپوءِ گذريل ڏينهن بلوچ مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو،سادا لباس پاتل مردن جي 7 پوليس ٿاڻي جون لائٽون بند ڪري ڇڏيون ۽ اونداهي ۾ زخمي بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي گهليندي بسن ۾ وجهي انهن کي بلوچستان واپس موڪليو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي جاري وڊيو ۾ عورتن جي روئڻ ۽ ڪيهاٽ جا آواز ٻڌي سگهجن ٿا، سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽر تي لکيو ته اسلام آباد پوليس ٻنپهرن جو هاءِ ڪورٽ ۾ چيو ته سمورين عورتن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر انهن عورتن کي اڄ زبردستي گاڏين ۾ ويهاري ڪوئيٽا نيو پيو وڃي، وفاقي وزيرن کان به غلط پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي،هڪ وڊيو پيغام ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چيو ته اسان نه گرفتارين کان ڊڄون ٿا نه ڪيسن کان ڊڄون ٿا،توهان چئو ٿا ته اسان هتي ڌاڙو هڻڻ آيا آهيون، توهان 70 سالن کان اسان جي سرزمين تي ڌاڙا هڻي رهيا آهيو،وسيلا ڦري رهيا آهن، توهان کي شرم نٿو اچي ته اسان پٿر کنيا،اسان گهر وڃڻ لاءِ نه آيا آهيون،توهان اسان جي گهرن کي باهه ڏني آهي، هوڏانهن اسلام آباد پوليس سان مخاطب ٿيندي ماهه رنگ بلوچ هن چيو ته تربت کان اسلام آباد تائين جو سفير اسان ان ڪري نه ڪيو هو ته اسان تي تشدد ٿئي ،اسان ان ڳالهه جو انتظار ڪندا رهياسين ته توهان رستا کولينداسين، پر توهان اهي نه کولي ثابت ڪيو ته توهان فاشسٽ آهيو، سمي دين بلوچ چيو ته مون کي ۽ اسان جي وڪيل کي اسلام آباد پوليس گهرايو ۽ اسان کي چيو ويو ته گرفتار مظاهرين کي حوالي ڪنداسين گڏ ٻه شرط اسان جي سامهون رکيا ويا، پهريون اسلام آباد بدري ٻيو پرامن احتجاج جڏهن ته اسان لکي پرامن احتجاج جي گارنٽي ڏني هئي پر پنهنجي ڳالهين کان ئي ڦري بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي زبردستي اسلام آباد کان ڪوئيٽا بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اسان کي اها ڳالهه سمجهه نه پئي اچي ته ڇا اسلام آباد پاڪستان جو حصو ناهي، ياد رهي ته بلوچ يڪجهتي مارچ 6 ڊسمبر تي بلوچستان جي شهر تربت کان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو هو، اهو مارچ اربعا جي شام اسلام آباد جي حدن ۾ پهتو هو.