اسلام آباد(م ڊ) ناليواري سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته جيڪي بندوق جي زور تي پاڻ کي مضبوط سمجهن ٿا، اهي ياد رکن بلوچستان جي اڪثريتي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جون دليون اوهان جي خلاف نفرت سان ڀريل آهن، توهان بغير بندوق جي انهن وٽ وڃي ڏيکاريو،ان کان اڳ حامد مير اسلام آباد ۾ بلوچ عورتن کي زبردستي ڪوئيٽا بدر ڪرڻ جي اطلاعن تي ٿاڻي تي پهتو جتي نياڻين کي زوري بسن ۾ ويهاريو پئي ويو، ان موقعي تي هڪ بلوچ نياڻي حامد مير کي ڀاڪر پائي بچائڻ جون اپيلون ڪندي رهي، جڏهن ته حامد مير ڪاوڙ ۾ پوليس آفيسرن ڏانهن بيوسي سان ڏسندو رهيو