شادي جي ڏٽي ۾ لاهور مان 500 ڇوڪريون اغوا، سنڌ ۾ وڪرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي پوليس پاران وڏي ڪارروائي ڪندي لاهور جي هڪ ڇوڪري کي سنڌ بلوچستان جي دنگ وٽان هڪ علائقي مان بازياب ڪرايو آهي جتي کيس نائون ڀيرو وڪرو ڪيو ويو هو.

لاهور جي رهواسڻ عليشا محبت جي شادي لاءِ گهران نڪتي هئي پر سندس آن لائن دوست بيوفائي ڪري ساڻس ملڻ نه پهتو هو جنهن بعد هوءَ داتا درٻار ۾ سهارو وٺي ويهي رهي ۽ اتي هڪ اڻڄاڻ عورت ساڻس دوستي ڪري شادي جا ڏٽا ڏنا.

عورت ان کي ڪراچي جي لطيفان بي بي نالي عورت کي 20 هزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ کيس لاهور مان ڪراچي آڻيندڙ ٻن ڄڻن رستي ۾ عليشا جو ريپ ڪيو ۽ جڏهن ته هوءَ ڪراچي پهتي ته لطيفان جو مڙس خان محمد به سندس ريپ ڪندو رهيو.

بعد ۾ عليشا کي قمبر ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ هوڏانهن عليشا جي وارثن پاران ٿاڻي ۽ عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو ۽ عدالت سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

پوليس لاهور ۾ سي سي ٽي وي ڪيمراز ذريعي عليشا سان ڳالهائيندڙ جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ڪيترائي انڪشاف ڪيا.

ان جوابدار جي نشاندهي تي ڪراچي جي رهواسڻ لطيفان بي بي ۽ سندس مڙس به گرفتار ڪيا ويا.

لطيفان بي بي پوليس کي ٻڌايو ته هن 500 نارين کي مختلف هنڌن تي پيسن عيوض وڪرو ڪيو آهي.

هن وقت پوليس گينگ خلاف جاچ ڪري رهي آهي ۽ عليشا پوليس جي تحويل ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.