نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي درخواستن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.
ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ف، ن ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي پاران اليڪشن جي تاريخ ۾ ردوبدل ڪرڻ کانسواءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جون درخواستون قبول ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوار نامزدگي ڪاغذ 24 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگھن ٿا،سياسي جماعتون مخصوص سيٽن جي ترجيحي لسٽ به 24 ڊسمبر تائين ڏئي سگھن ٿيون، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 25 کان 30 ڊسمبر تائين ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پاران 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ 20 کان 22 ڊسمبر تائين رکي وئي هئي جنهن تي سياسي جماعتن پاران اعتراض واريندي تاريخ وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.