ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) اڳوڻي سفير عبدالله حسين هارون چيو آهي ته ملڪ ۾ ليڊرشپ جي کوٽ آهي، ڪجهه ماڻهو ملڪ کي اڳتي کڻي وڃڻ جي سگهه نه ٿا رکن، ملڪي ترقي لاءِ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نئين قيادت پيدا ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سر عبدالله هارون وزنري سنڌي مسلم ليڊر نالي ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڪتاب جو مهورت به ڪيو ويو، عبدالله حسين هارون وڌيڪ چيو ته اسان کي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، دنيا تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نڪري وئي آهي، اسان کي اڃا وقت لڳندو. هن چيو ته نوجوانن کي نئين قيادت پيدا ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ليڊر شپ جي گهڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، نوجوانن کي ڪنهن جي پويان هلڻ بدران پاڻ ملهائڻو پوندو ان لاءِ ڪنهن جي انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته عبدالله هارون پنهنجي وقت ۾ گهڻو ڪم ڪيو، سندس ڪتاب نوجوانن لاءِ رهنمائي ڪندڙ آهي، نوجوانن کي تعليم پرائڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي آهي، جيڪو هي ڪتاب پڙهندو ان کي سندس ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ملندا ۽ اڳتي وڌڻ جي نئين راهه ملندي.