اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا بار ڪائونسل جي صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان بيان کي بي بنياد، حقيقتن جي ابتڙ ۽ عوام جي ذهنن ۾ ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي وضاحت ڪئي ته حقيقت هي آهي ته 2018ع ۾ ٿيل 25 هين آئيني ترميم موجب اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪرڻ بعد فاٽا جون 12 قومي اسيمبلي جي سيٽن کي ختم ڪري خيبرپختونخوا صوبي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ 6 سيٽن جو اضافو ڪيو ويو ۽ هي 39 مان وڌائي 45 ڪيون ويون آهن.
ڪراچي ۾ شادي هال ويجهو فائرنگ،3 ڄڻا زخمي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر ۾ جهانگير روڊ نمبر 1 تي واقع شادي هال ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا 24 ورهين جو اسرار احمد، 23 ورهين جو حمزه ۽ 26 ورهين جو عبدالباسط خمي ٿي پيا، ايس پي جمشيد ڪوارٽر علينا راڄپر جو چوڻ آهي ته فائرنگ شادي جي تقريب ۾ ڪئي وئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شادي هال مان ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.