سنڌ ۾ ننڍي ڄمار ۾ شاديون پيون ٿين، قانون تي عمل نه پيو ٿئي: نگران صوبائي وزير

ڪراچي(رپورٽر) انساني حقن جي سلسلي ۾ هڪ خانگي هوٽل ۾ ”انپليمينٽيشن آف سنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرنٽ  ايڪٽ 2013“ جي عنوان سان هڪ پروگرام   ڪيو ويو. تقريب جو مهمان خاص نگران قانون ۽ انساني حقن وارو وزير محمد عمر سومرو هو. ان موقعي تي قانون ۽ انساني حقن واري صوبائي وزير عمر سومرو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي قانون ته ٺهن ٿا پر انهن تي عمل نه ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي جي پابندي جي ايڪٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ تي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ليول تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، ان جو سبب رڳو غربت نه آهي. هن چيو ته اسان کي مذهبي طور تي به قائل ڪيو ويندو آهي، 2013ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ذريعي قانون پاس ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود ننڍي عمر جون شاديون ٿي رهيون آهن، رجحان ٻهراڙي ۾ وڌيڪ آهي ان ڪري ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام لاءِ  اسڪولن، ڪاليجن ۽ مدرسن ۾ پڻ ماڻهن ۾ آگاهي  مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي، مذهبي انتها پسندي جي وجهه سان به ان قانون تي عمل درآمد نه پيو ڪيو وڃي. عمر سومرو چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي به اسان کي گڏ کڻي ڪري هلڻو پوندو، ان کان بغير اسان هن قانون تي عملدرآمد نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته  سنڌ چائلڊ ميريج قانون تي عملدرآمد لاءِ ضلعي سطح تي آفيسر مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ سائيڪلاجسٽ ناهن، 150 سائيڪلاجسٽ مقرر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ ۾ نڪاح رجسٽرارن کي تربيت ڏيارڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وٽ تمام گهڻا فنڊ موجود آهن پر اهي صحيح استعمال نه ڪيا پيا وڃن، ان موقعي تي تقريب ۾ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو، ايڊيشنل سيڪريٽري هيومن رائٽس فضل حسين اويسي ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.