حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ ايندڙ پرامن بلوچ عورتن ۽ معصوم ٻارن مٿان تشدد اسلام آباد انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو شرمناڪ عمل آهي. ملڪي آئين هر شهري کي احتجاج جو حق ڏئي ٿو. پرامن بلوچ عورتن مٿان تشدد ملڪي آئين جي سنگين لتاڙ آهي. اسلام آباد انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پرامن بلوچ عورتن کي احتجاج کان روڪڻ ۽ تشدد تي سپريم ڪورٽ جي خاموشي سواليه نشان آهي.