عورتن مٿان پوليس تشدد آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي:عمراهه سمون

حيدرآباد (پ ر) بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ اسلام آباد پوليس طرفان عورتن مٿان ڪيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي  آرگنائيزر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ ماه نور ملاح، ساجده ڀاڻو ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي حق آهي. پر امن مظاهرين تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. پر امن مظاهرين خصوصن عورتن مٿان پوليس تشدد آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي. جبري گمشدگيون ۽ عدالتن کان ٻاهر قتل انساني حقن جي لتاڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.