بلوچ يڪجهتي مارچ تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف بلوچستان ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪوئيٽا (م ڊ) اسلام آباد ۾ هٿين خالي بلوچ عورتن، پوڙهن، نوجوانن ۽ ٻارن مٿان لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ۽ گرفتارين  خلاف ڪوئيٽا، قلات، وڍ، خاران، حب سميت سموري بلوچستان ۾ شاهراهن کي بند ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ بلوچ لانگ مارچ تي تشدد خلاف بي اين پي، نيشنل پارٽي، جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين گوادر ۾ سخت احتجاج ڪيو،   بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي، حق دو تحريڪ، جي يو آءِ، بي اين پي عوامي، جي يو آءِ، پيپلزپارٽي ۽ طلبا تنظيم بي ايس او  ۽ ٻين پارٽين طرفان گوادر ۾ احتجاج ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.