ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران اسلام آباد ۾ بلوچن جي ريلي تي تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت، ايسوسيئيشن جي صدر ريحان عزيز ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اسلام آباد ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن پاران نڪتل ريلي تي تشدد افسوس ناڪ عمل آھي،پاڪستان جي آئين موجب گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي احتجاج ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آھي،عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ۾ ملوث پنجاب پوليس ۽ اسلام آباد پوليس جي اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن چيو ته حڪومت کي گھرجي ته فوري طور گم ٿيل ماڻھن کي بازياب ڪرائي