ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن پاران اسلام آباد لاءِ نڪتل احتجاجي مارچ ۾ شامل عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ بزرگن جي قافلي تي اسلام آباد پهچڻ بعد پوليس تشدد ۽ گرفتاري خلاف سنڌ ۾ سخت رد عمل آيو، بلوچ تنظيمن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ ٻين ڌرين پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ملير جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار احتجاجي مارچ ۽ مظاهرا ڪيا ويا، ملير جي ڪوهي ڳوٺ کان شفيع ڳوٺ تائين ڪوهي ڳوٺ، صالح محمد ڳوٺ، ولي محمد ڳوٺ جي سوين رهواسين پاران فرزانه ڪلمتي، معيز بلوچ، رفيق درخشان، ارشد صالح، ڪونسلر محمد بلوچ جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري احتجاجي ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ بلوچستان مان گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي آزادي لاءِ لانگ مارچ تي پوليس لٺبازي خلاف مري ۽ آل بلوچ سنڌ پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، قادر بخش مري ، سعيد خان مري ، بهرام مري ، تاج محمد ، بلال بلوچ ، شڪيل بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊوآدم آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شھدادڪوٽ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران شھر جي ليبر ھال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، بلوچ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي مذمت ڪئي وئي، ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ ٻين جي آزادي جي گهر ڪئي وئي، ڪامريڊ مولا بخش مگسي، شائستا پندراڻي، مالڪ پندراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، آل پاڪستان مري اتحاد طرفان تربت کان نڪتل بلوچ مارچ تي اسلام آباد پوليس پاران لاٺي چارج ڪري عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪرڻ خلاف جميل مري، صاحب خان مري، نور محمد مري، غلام حسين مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ بلوچ مسنگ پرسن جي حق ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر مھارنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچستان کان اسلام آباد تائين نڪتل لانگ مارچ مٿان اسلام آباد پوليس طرفان شيلنگ ۽ گرفتاريون ڪرڻ خلاف آل پاڪستان مري اتحاد جي سڏ تي مير محمد مري، بنگل خان مري، لال خان مري، مريد مري ۽ نور خان مري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، اسلام آباد واقعي خلاف سنڌ سڀا ڪنڌڪوٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نصيب الله کوسو، نظام نوناري، صدام کوسو، مهراڻ سنڌي، عاشق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين مٿان پوليس جي لاٺي چارج، تشدد ۽ گرفتارين خلاف آل پاڪستان مري اتحاد تعلقي قاضي احمد پاران تعلقي صدر امير علي مري عبدالستار مري عبدالڪريم مري لال دين مري نور نبي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته تربت کان نڪتل بلوچ برادري جي مارچ تي اسلام آباد پوليس لاٺي چارج ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪري غنڊه گردي جو ثبوت ڏنو آهي، بلوچ نوجوان شهيد ٿي رهيا آهن هڪ شهيد نوجوان جي قتل بعد تربت کان نڪتل پرامن مارچ ۾ اسلام آباد پوليس عورتن مردن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، پوري ملڪ جي بلوچ سجاگ ٿي چڪا آهن، بلوچ نياڻين سان ظلم برداشت نه ڪنداسين، سخت مزاحمت ڪئي ويندي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي پاسي بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ( بي ايس او ) جي مرڪزي چيئرمين بالاچ قادر بلوچ، عادل بلوچ، اڪبر بلوچ، اسلم غلام بلوچ ۽ ٻين خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسلام آباد ڌرڻي مان گرفتار ڪيل بلوچ نوجوان ڇوڪريون، پوڙهيون عورتون ۽ مرد آزاد نه ڪيا ويا ۽ کنڀي گم ڪيل بلوچ نوجوانن کي ظاهر نه ڪيو ويو ۽ هزارن جي تعداد ۾ جيڪي کنڀيل آهن انهن کي عدالت ۾ آندو ورنه اڄ سموري بلوچستان ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري پنجاب ۽ سنڌ ايندڙ رستن تي ڌرڻا هڻي بلوچستان جو ٻين صوبن سان روڊن رستن جو رابطو بند ڪيو ويندو، پنهنجي حقن ۽ مطالبن جي لاءِ ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ سخت سردي ۾ پاڻي، ڳوڙها گئس جي استعمال سان گڏ بدترين تشدد ڪري 30 عورتن ۽ 200 مردن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ۾ انهن مٿان سڄي رات تشدد ڪيو ويو آهي، انساني حقن جا ادارا توڙي عالمي ادارا بلوچن سان ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺن.