بلوچ عوام جي آواز جي رستا روڪ  نٿي ڪري سگهجي:زين شاهه

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه اسلام آباد ۾ پرامن بلوچ ايڪتا مارچ جي مظاهرين تي پوليس پاران طاقت  جي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پرامن بلوچ مظاهرين تي پوليس جو وحشياڻو تشدد ۽ شيلنگ ناقابل برداشت آهي، ڊاڪٽر ماھ رنگ سميت ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ناقابل قبول ۽ افسوسناڪ آهي، هن چيو ته لانگ مارچ جي پرامن شريڪ ماڻھن جي فرياد ٻڌڻ بدران انهن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن تي ان طرح جي ظالماڻي حڪمت عملي ۽ جبر سان بلوچ عوام جي آواز جي رستا روڪ  نٿي ڪري سگهجي، پر امن مارچ تي پوليس تشدد ذريعي بلوچن کان انساني حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سيد زين شاهه مطالبو ڪيو آھي ته بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي تشدد ۽ لاٺي چارج جي جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.