هٿين خالي بلوچن ڪيئن سامان ڦريو؟ ماڻهو گرفتاري بعد لاپتا ٿي وڃن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ مظاهرين جي گرفتارين خلاف درخواست تي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد کان سڀاڻي تائين وڌيڪ رپورٽ طلب ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  بلوچ مظاهرين جي گرفتارين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق چيو ته پاڪستاني شهري آهن ۽ احتجاج سندن آئيني حق آهي، ڪنهن به دهشتگردي ناهي ڪئي.آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان عدالت کي مظاهري بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته هنن لٺبازي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن سان ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا.آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته حراست ۾ ورتلن ۾ ڪا به عورت ناهي، جن عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي.آءِ جي اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته انهن ڪيسن ۾ 215 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪيئن هٿين خالي مظاهرين پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري سامان کسي ورتو؟ هن چيو ته ڇا بلوچستان مان مظاهرين اسلام آباد پوليس تي حملو ڪرڻ آيا هئا؟عدالت چيو ته ڪيتريون ئي رپورٽون آيون آهن ته ماڻهو گرفتار ٿيڻ بعد گم ٿي وڃن ٿا. هن آءِ جي کي مخاطب ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.