حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جو هنگامي اجلاس سردار اختر جان مينگل جي صدارت ۾ ڪوئيٽا ۾ ٿيو جنهن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي لانگ مارچ تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي،اختر مينگل چيو ته هٿين خالي بزرگن،عورتن،ٻارن ۽ نوجوانن تي پوليس تشدد مان واضح ٿيو ته اختياريون بلوچستان جي حساس ترين مسئلي کي ڪهڙي طريقي سان منهن ڏيڻ چاهين ٿيون،طاقت جي استعمال ۽ ان طرح جي حرڪتن سان جدوجهد کي ڪڏهن به روڪي نٿو سگهجي، هن چيو ته اسان جي نياڻين ۽ ٻارن سان اسلام آباد ۾ جيڪو سلوڪ ڪيو ويو ان جي مذمت ڪريون ٿا، بي اين پي هر طرح جي لانگ مارچ ۾ بلوچ قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي آواز اٿاريندي، اڄ بلوچستان ۾ سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته بي اين پي گورنر بلوچستان کي فوري طور اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جيڪو گرفتار ماڻهن جي آزادي ۽ انهن جي مطالبن جي حل لاءِ صدر، نگران وزيراعظم ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو، اختر مينگل چيو ته مسئلو حل نه ٿيو ته گورنر استعيفيٰ ڏيندو، انهن کي سمجهائيندي سمجهائيندي ٿڪجي پيا آهيون، ڇا توهان سڀني بنگلاديش مان سبق ناهي سکيو، توهان رشتا وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهيون، خدا جي واسطي عقل کان ڪم وٺو، اڳ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي،