حيدرآباد(پ ر)اڳوڻي صوبائي وزيراطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هڪ پارٽي تي جڏهن برو وقت ايندو آهي ته اها ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو سوچي ٿي جڏهن ته هڪ پارٽي جو اڳواڻ جيل ۾ آهي ته اهو ٻاهر وڃڻ لاءِ حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر عوام هاڻي باشعور آهي ۽ اهي ڪنهن به سازش يا لساني جهيڙن جي سياست ۾ نه ايندا ۽ انشاالله سنڌ مان پي پي پي 95 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪري ڪامياب پارٽي طور تي سامهون ايندي ۽ وفاق ۾ به هڪ وڏي پارٽي جي طور تي سامهون ايندي ، هو اڄ پي ايس 61 حيدرآباد تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا ڪاغذات نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد آر آو آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيوهو ، هن چيو ته پي ٽي آئي جي ليڊر شپ پنهنجي ڪارن ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي عوام کي هن وقت اها دلچسپي ناهي ته ڪير جيل وڃي رهيو آهي ڪيربري ٿي رهيو آهي بلڪه عوام چاهي ٿو ته سندن مسئلا حل ٿين ،هن چيو ته انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ پ پ وٽ ئي پائيدار منشور آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو چيئرمين بلاو ل ڀٽو زرداري چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيندو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪندو ، بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪندو ۽ بي گهرن لاءِ لکين گهر تعمير ڪرائيندو ، هن چيو ته هاڻي ٻن قسم جا ووٽ پاڪستان ۾ هلندا هڪ ادارن جي خلاف سازش ۽ ٻيو ادارن کي جوڙڻ جو ووٽ هوندو .