گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو سنجيدگي سان ڏٺو وڃي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج ۽ گم ٿيل ماڻهن جي  گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. گم ٿيلن جو معاملو گڏجي حل ڪيو وڃي،هن چيو ته اسلام آباد ۾ بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي  احتجاجي مارچ دوران وحشياڻو تشدد ۽ گرفتاريون آئين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.