بالاچ پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو:سي ٽي ڊي رپورٽ

ڪراچي (م ڊ) تربت ڪارروائي تي سي ڊي ٽي جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، سي ٽي ڊي جي رپورٽ موجب بالاچ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، رپورٽ موجب دهشتگردن جي لاءِ بلوچ تڪجهتي ڪميٽي جو احتجاج   سمجهه کان مٿانهون آهي، سي ٽي ڊي بلوچستان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال بلوچ لبريشن آرمي بي ايل اي ۽ بلوچ لبريشن فرنٽ بي ايل ايف تربت ۾ 458 ڪارروايون ڪيون، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان 158 ڪاررواين ۾ 66 ماڻهو قتل ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، سي ٽي ڊي بلوچستان موجب هڪ مهيني ۾ مختلف آپريشنز ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي 8 انتهائي گهربل ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو، 20 نومبر تي انتهائي گهربل دهشتگرد بالاچ ولد مولا بخش کي گرفتار ڪيو ويو،رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گرفتاري وقت بالاچ وٽان 5 ڪلو بارودي مواد برآمد ٿيو، بالاچ جي نشاندهي تي پسني جي ويجهو آپريشن ڪيو، جتي هُن جا ساٿي لڪيل هئا، آپريشن دوران بالاچ پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ ماريو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.