اسلام آباد(م ڊ) سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته اڄ اسلام آباد ۾ بلوچستان جي عوام سان جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو ئي مون ڍاڪا ۾ ٿيندو ڏٺو. ڍاڪا جي صدر گهاٽ جي هر گهر ۽ هر دڪان تي پاڪستان جو جهنڊو لڙڪيل هو. شهرين جي دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکيا ويا. ظلم جون قوتون تاريخ مان سبق سکڻ نه ٿيون چاهين. بلوچستان جي عوام کي لاوارث بڻايو ويو آهي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کين سندن حق نه ڏنا ته اصل وارث پنهنجا حق کسي وٺندا! اسلام آباد جي سرد راتين ۾ مائرن ۽ ڀينرن جي حالت ڏسي فلسطين جو منظر سامهون اچي ٿو. اهي نه فلسطيني ڇوڪريون آهن ۽ نه ئي اسين اسرائيلي فوجي آهيون. اسان سڀ پاڪستاني آهيون.