ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پرامن لانگ مارچ خلاف ڪريڪ ڊائون، عورتن، پيرسن ماڻهن ۽ ٻارن تي تشدد، درجنين نوجوانن جي گرفتاري ۽ رياستي جبر خلاف سڄي بلوچستان ۾ تحريڪ هلائينداسين، اڄ بلوچستان يونيورسٽي کان ريلي ڪڍي ويندي، سمورا ماڻهو پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن تي تشدد خلاف ٻاهر نڪرن ۽ واضح پيغام ڏين، جڏهن ته بلوچستان جي ٻين علائقن جي حوالي سان ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو،عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي سخت مذمت ڪيون ٿا، سمورو بلوچستان اٿي بيهي، پوئتي نه هٽنداسين.