مالڪ بلوچ جو نگران وزيراعظم سان رابطو، گرفتار بلوچن جي آزادي جو مطالبو

ڪوئيٽا (م ڊ) نيشنل پارٽي جي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ نگران وزيراعظم انوار الحق  ڪاڪڙ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، بلوچ لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پرامن احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارن تي رات جي وقت تشدد ۽ گرفتاري تي نيشنل پارٽي جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پرامن احتجاج ملڪ جي هر شهري جو بنيادي حق آهي جنهن کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرائڻ جي حڪومت جي ڪوشش نه صف قابل قبول آهي پر وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ويجهي ماضي ۾ مختلف سياسي جماعتن اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج جو رستو اختيار ڪندي سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ هائوس ۽ پي ٽي وي جي عمارتن تي چڙهائي ڪئي وئي، انهن سان رياست نرم رويو اختيار ڪندي نظر آئي، پرامن بلوچن جي لاءِ اسلام آباد نوگو ايريا بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.