اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد چيو آهي ته بلوچستان مان احتجاج ڪندڙ مڪمل پرامن رهيا، ڪجهه مقامي ماڻهن مسئلا پيدا ڪيا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جن عورتن ۽ جن جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪجه مرد اڃا به جاچ هيٺ آهن،حڪومت وٽ انٽيليجنس اطلاع هئا ڪنهن وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ مجبوري طور رياست کي ڪجهه قدم کڻڻا پيا، ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته وزيراعظم احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، حڪومت طرفان فواد حسن فواد ڳالهيون ڪيون.