رياست احتجاج ڪندڙن جي مطالبي تي ڪيترو ننڍڙو سوچي ٿي:ايڇ آر سي پي

اسلام آباد(م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين تي پوليس تشدد ۽ ڪريڪ ڊائون  جي سخت مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورتن، ٻارن ۽ بزرگن تي واٽر ڪينن ۽ لٺين جو استعمال ڪيو ويو، ڪيترن ئي عورت احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن مرد مائٽن کان ڌار ڪيو ويوبيان موجب  پرامن ميڙاڪي جو آئيني حق استعمال ڪندڙ بلوچ شهرين سان اهو سلوڪ ناقابل معافي آهي.اهو ظاهر ڪري ٿو ته رياست احتجاج ڪندڙن جي هن مطالبي تي ڪيترو ننڍڙو سوچي ٿي، ايڇ آر سي پي چيو ته گرفتار سمورن جوابدارن کي غير مشروط طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ احتجاج ڪندڙن جي جائز مطالبن جي منصفاڻي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.