جبري گمشدگين ۽ مقابلن جي جاچ ٿيڻ گهرجي: ايمنسٽي انٽرنيشنل

لنڊن(م ڊ) ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان (اڳوڻي ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ 21 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ بلوچ لانگ مارچ جيمظاهرين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران طاقت جي استعمال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.مظاهرين تي واٽر ڪينن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ لاٺي چارج جون وڊيوز جاري ڪيون ويون آهن، درجنين ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي سندن آزادي، سلامتي ۽ احتجاج جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي زخمي ڪيو ويو آهي،بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي حڪومت کي گهرجي ته سمورن احتجاج ڪندڙن کي فوري طور تي آزاد ڪري ۽ انهن مٿان لڳايل الزامن کي ختم ڪري ،خاص طور تي بلوچستان ۾ عدالت کان مٿاهن قتلن ۽ جبري گمشدگين جي غيرجانبداريءَ سان جاچ ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.