حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته پاڪستان ايستائين نٿو ھلي سگھي جيستائين اسان پنھنجي شاعر، آرٽسٽ ۽ ثقافت کي قبول نٿا ڪريون، ھن ملڪ کي جديد ۽ ماڊرن ملڪ ٺاھڻو آھي، پنھنجن سمورن مسئلن ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻو آھي يا وري دنيا سان گڏ ھلڻو آھي تھ پوءِ اسان کي پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت جي مالڪي ڪرڻي پوندي، ملڪ ۾ رھندڙ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ شھرين کي اھا مالڪي ڏيون ته ھو اھو چون تھ ھا اردو بھ اسان جي قومي ٻولي آھي پر ان سان گڏ توھان سڀني جي ٻولي اسان جي لاءِ قومي ٻولي آھي، اسان ان قسم جو انقلاب آڻي سگھون ٿا جنھن ۾ پنجاب، ڪشمير، پختونخواھ، بلوچستان ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ کي پنھنجو ڪيون ۽ انھن کي تسليم ڪيون، منھنجي خيال ۾ اھو انقلابي ڪم اسان شروع ڪري سگھون ٿا. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي نائين اياز ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پنجن ڏينهن واري نائين اياز ميلي جو افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ميلي جي آرگنائيزرن امر سنڌو، عرفانا ملاح، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ثقافت ۽ تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ، ڄام خان شورو، سيد طارق حسين شاھ ڄاموٽ ۽ ٻين سان گڏ ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري شھيد بينظير ڀٽو جي مختلف انٽرويوز تي ٻڌل نامياري ليکڪ زاھد حسين جي ڪتاب “فيس ٽو فيس” جو مھورت پڻ ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ مونکي يقين ۽ اعتماد آھي تھ جڏھن ھن ملڪ جا دانشور، شاعر ۽ نوجوان جاڳي پوندا تھ توھان جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگھي، پاڪستان ۾ ھر ثقافت، قوم ۽ ٻولي جي تاريخ کي قبول ڪيون ۽ سڃاڻون ۽ سيکاريون، ڪھڙو حرج آھي تھ ملڪ ۾ ڳالھايون ويندڙ سمورين ٻولين کي پنھنجي نصاب ۾ شامل ڪري ڇڏيون ۽ پاڪستان جي ٻارن ۽ انھن جي والدين جي مرضي ھجي تھ ھن جو ٻار سرائيڪي، سنڌي يا ٻي ڪا بھ ٻولي سکڻ چاھي تھ ان کي اسان اھا ٻولي سکڻ جو موقعو فراھم ڪيون. ھن چيو تھ منھنجي خيال ۾ ھن ملڪ ۾ ظلم تھ تمام گھڻو ٿيو آھي تھ پر پاڪستان جي اھا بدقسمتي آھي تھ اسان پاڻ پنھنجن ھٿن سان پنھنجن وڏن وڏن ليڊرن کي قتل ڪيو آھي، اسان اھا بھ وڏي زيادتي ڪئي آھي تھ پنھنجن ھٿن سان پنھنجي ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي کي دٻايو آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن شاعر، ليکڪ ۽ آرٽسٽ نھ ھوندا تھ توھان سوچيندڙ ملڪ نھ بڻجي سگھندا ۽ پوءِ توھان جي سياست بھ اھڙي ئي ھوندي جيڪا ھاڻ توھان کي نظر اچي رھي آھي. ھن چيو تھ اسان پنھنجن نوجوانن جي ھٿن ۾ قلم جي بجاءِ ھٿيار، بندوق ۽ گولي ڏئي ڇڏيندا آھيون، پر قلم ۽ ڪتاب ان طريقي سان نٿا ڏيون. ھن چيو ته آئون چاھيان ٿو ته اسان پاڪستان کي ھڪ نئين دڳ تي وٺي وڃون جتي اسان پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت کي پنھنجو ڪيون نھ ڪي ان تي شرمسار ٿيون. ھن چيو تھ سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھڪ حد تائين بند رڳو ان ڪري ٻڌو ويو آھي تھ اسان پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت کي پنھنجو ڪيون ٿا. اسان اڄ به سمورن انتھاپسندن جو دمادم مست قلندر ۽ ھي جمالو جو نعرو ھڻي مقابلو ڪري سگھون ٿا. هن چيو ته مصر کي ڏسو تھ اھو ھڪ مسلمان ملڪ آھي، پر ھو پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت کي پنهنجو ڪن ٿامنھنجو ھن ملڪ جي لاءِ ھڪ خواب آھي تھ پاڪستان جو ھر ٻار موھن جي دڙي کان واقف ھجي، ڪشمير ۽ پنجاب جو ماڻھو شيخ اياز کي ائين سڃاڻي جيئن سنڌ جو نوجوان علامھ اقبال کي سڃاڻي ٿو، . جتي ھر سياسي جماعت ھڪٻئي کي غدار ۽ ٻيو گھڻو ڪجهھ چوندي رھي، اھڙي صورتحال ۾ اسان ڪئين ھن ملڪ کي ھڪڙو ملڪ ڪري ھلائي سگھنداسين جڏھن پاڪستان جو عوام اھو سمجھي وٺي ته ورھاست ۾ نه پر اتحاد ۾ اسان جي ڪاميابي آھي تھ پوءِ اھي قوتون شڪست کائينديون جيڪي نفرت ۽ ورھاست چاھين ٿيون. ھن ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تھ گذريل ٻوڏ واري صورتحال قيامت کان اڳ قيامت ھئي، ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي لاءِ توھان سڀني جي مدد جي ضرورت آھي، پھريان پاڻ کي سمجھڻو آھي ۽ پوءِ دنيا کي به سمجھائڻو آھي ته جڏھن هماليا جي برف جا پھاڙ ڳرڻ شروع ٿيندا تھ ڇا ٿيندو، ان خطري بابت اسان کي پنھنجن ماڻھن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻي پوندي، اھا برف جڏھن ڳرندي تھ پھريان اسان ٻڏنداسين ۽ پوءِ وري اڃ مرنداسين، ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تياري ڪرڻي پوندي. ماحولياتي تبديلين کي پنھنجي منشور ۾ شامل ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري نائون اياز ميلو منعقد ڪرڻ تي عرفانھ ملاح ۽ امر سنڌو کي مبارڪون پڻ ڏنيون.