اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. بئريسٽر علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 40 سوال پڇيا آهن، انٽرا پارٽي اليڪشن کانپوءِ تفصيل ۽ دستاويز فوري طور تي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا. ان وقت اليڪشن ڪميشن کي چيو ته جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته هاڻي ٻڌايو، اسان کي ٻيهر نوٽيس مليو جنهن ۾ 3 سوال پڇيا ويا هئا. صورتحال تي حيران ۽ مايوس آهيان. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جي معاملي تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.