پشاور ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڪمانڊر يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جنرل مائيڪل ايرڪ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڪمانڊريو ايس سينٽرل ڪمانڊ جنرل مائيڪل ايرڪ وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ خطي جي سڪيورٽي صورتحال بابت گڏيل سهڪار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سينٽ ڪام جوائنٽ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو جتي سينٽ ڪام ۽ پاڪ فوج وچ ۾ دفاعي تربيت ۽ رابطن ۾ واڌ جو جائزو ورتو ويو.