ڪڪڙ (رپورٽ: شفيع محمد جنجهه) جوھي برانچ ۽ پمپنگ اسٽيشن جي بحالي لاءِ آبادگار روڊن تي نڪري آيا، سوين آبادگار ڏنڊا کڻي ڪڪڙ ڀرسان 3 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي جوھي برانچ موري وٽ انڊس ھاءِ وي مک روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي لڳاتار 4 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي دوران ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ويندڙ سوين گاڏين جي قطارون لڳي ويون ھزارين مسافر دربدر ٿي روڊ تي پريشاني جو شڪار ٿي ويا، ڌرڻي دوران ايس ايس پي منير کھڙو پڻ پھتو جنهن جي اڳواڻي ۾ ڪي اين شاهه ۽ ڪڪڙ پوليس توڙي مسافرن پاران گڏجي مظاھرين کي روڊ کولڻ لاءِ منٿون ڪيون ويون، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿي ويا، مظاھرين جو چوڻ هو ته جوھي برانچ جي ٽُٽل سليب جي ڪم کي ڏيڍ مھينو گذري چڪو آھي، اڃا تائين ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، آبپاشي انجينئر بلرام پاران تعميراتي ڪم سست رفتاري سان ڪرڻ سبب 40 شاخن مان واري اڏامي رھي آھي اڃا تائين جوھي برانچ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن، جوھي ۽ ڪي اين شاهه ۾ ڪڻڪ جو لکين ايڪڙ فصل سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن اسانجو ڪيل اربين روپين خرچ نقصان ٿيو آھي اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي ڪڻڪ جو فصل نه ٿيڻ ڪري اسين سخت پريشان آھيون خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون ، ھنگامي بنيادن تي جوھي برانچ تي پمپنگ اسٽيشن چالو ڪري پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي، ايس ايڇ او ڪڪڙ محمد خان ڪلوئي ۽ ڪي اين شاھ جي ايس ايڇ او سعيد چنا آبادگارن سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينهن اندر برانچ جو ڪم مڪمل ڪري پاڻ ڇوڙ ڪرڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.