ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾  روڊ حادثو، ڊاڪٽر فهميده مرزا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان شمشير ۾ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾  جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر  فهميده مرزا زخمي ٿي پئي. ڊاڪٽر فهميده مرزا کي ترت علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، فهميده مرزا جي پٽ حسنين مرزا جو چوڻ هو ته ڪار کي پويان ايندڙ ڪار لڳي، نتيجي ۾  ڊاڪٽر فهميده مرزا حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، سندس طبيعت بهتر آهي. حسنين مرزا موجب ڊاڪٽر فهميدا مرزا جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.