فيض آباد ڌرڻو ڪميشن آڏو فيض حميد کي ايندڙ هفتي گهرائڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي ايندڙ هفتي فيض آباد ڌرڻي  ڪميشن ۾ طلب ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد لاءِ سوالنامو تيار ڪري ورتو آهي، ڪميشن هلندڙ هفتي جي آخر تائين فيض حميد کي ايندڙ هفتي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ بي آفيسر ساجد ڪياني ڪميشن ۾ 3 ڪلاڪ ڊگهو بيان رڪارڊ ڪرايو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ساجد ڪياني 2017 ۾ ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد هو ،هن ٽي ايل پي خلاف آپريشن ۾ ڪنهن به پرڏيهي مداخلت کان انڪار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.