تنگواڻي (رپورٽ: مهتاب ملڪ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تان بجار آباد اسٽاپ وٽ هٿياربندن ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ چوپائي مال جي واپارين جي مزدا روڪي 3 ڄڻن زاهد حسين، رفيق احمد رياض حسين کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، ا غوا ٿيندڙن ۾ هڪ 7 ورهين جو نينگر رفيق ۽ رياض پاڻ ۾ پيءُ پٽ آهن، مغوي پنجاب جي ڄام پور جا رهواسي آهن، مغوين جو تعداد وڌي 5 ٿي ويو، وارثن پاران واقعي واري هنڌ پهچي امير بخش، اجمل، خادم حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون، وارثن پاران مغوين کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوويو، مغوين جي آزاددي لاءِ لڳل ڌرڻو ڇهن ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو، ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ اصغر شاهه، ايس ايڇ او محمد بخش نائچ 3 ڏينهن جي مهلت بعد روڊ کوليو ويو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.