ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) در محمد ڳوٺ ۾ شاهه لطيف ٽائون پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ هڪ ڦورو کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پستل رائونڊ سميت هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار جا 3 ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايس پي ملير جي ترجمان جي پڌرائيءَ مطابق ڪالهه مبينه شهري نادر علي ڦور زخمي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته موقعي تي پيٽرولنگ پوليس پهچي وئي، جنهن تي جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جوابي فائرنگ جي نتيجي حڪ ڦورو نديم زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي شهري سميت علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ملير سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي گٽڪا ماوا فروشيءَ ۾ ملوث هڪ جوابدار احسان کي گرفتار ڪري 12 ڪلو گٽڪو ماوا هٿ ڪري ورتو. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿڌ ۾ واڌ

اسلام آباد (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميدان علائقي ۾ موسم ٿڌ ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته اتر  وارن ضلعن ۾ موسم ٿڌي رهندي. پنجاب، ڪي پي ڪي جي ميداني علائقي ۽ مٿاهين سنڌ ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڌنڌ رهڻ جو امڪان آهي. ڪالهه موسميات کاتي مطابق گذريل ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميدان علائقي ۾ موسم ٿڌ ۽ خشڪ جڏهن ته مٿاهين وارن علائقن ۾ موسم جهڙالي رهندي. جڏهن ته مٿاهين ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ برسات جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ـ مري ۾ هلڪي برفباري رڪارڊ ڪئي وئي.

سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جو اوچتو معائنو، بيڪري انتظاميا تي اڍائي لک رپيا ڏنڊ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم نگران وزير اعليٰ سنڌ جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر  سين جي هدايت تي پيراڊائيز بيڪري گلزار هجري جو اوچتو معائنو ڪيو. معائني دوران صفائي سٿرائي جي حالت انتهائي ناقص هئي. بيڪري تي ڪم ڪندڙ اسٽاف جو ميڊيڪل رڪارڊ به موجود نه هو. پروڊڪشن يونٽ ۾ ڪوئن ۽ ڪاڪڙوچن جي موجودگي تي بيڪري جي پروڊڪشن يونٽ کي به عارضي طور تي بند ڪيو ويو. پيراڊائيز بيڪري جي انتظاميا تي اڍائي لک روپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو. ايس آءِ ڊي جي پريس رليز موجب ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخرحسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته بيڪري جي انتظاميا کي 15 ڏينهن ۾ صورتحال بهتر ڪرڻ جو نوٽس به ڏنو ويو آهي.

ريلوي پاران عوام ايڪسپريس کي ايندڙ هفتي بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اي پي پي ) آخرڪار پاڪستان ريلوي عوام ايڪسپريس کي ايندڙ هفتي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ٻين  حصن ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي بگڙجندڙ صورتحال کان پوءِ بند ڪيو ويو هو. ريلوي وزارت جي هڪ اهلڪار ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو ته ان اهم ٽرين سروس کي بحال ڪرڻ جو فيصلو 2022ع ۾ ٻوڏ جي شديد صورتحال سبب معطل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي، جنهن سان وڏن شهرن وچ ۾ نون رابطن جو واعدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي کان لاهور ۽ لاهور کان پشاور جي روٽ تي هلندڙ عوام ايڪسپريس، ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪيريج فيڪٽري جي عملدارن کي جاري ڪيل هدايتن کانپوءِ ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. عملدار ٻُڌايو ته کاتي ڊسمبر ۾ ٻيهر شروع ٿيندڙ اڪانومي ڪلاس، لوئر اي سي ۽ اي سي بزنس ڪلاسز چوڪز لاءِ 18 بوگيون تيار ڪندو.

غزا جنگ: برطانيا ۽ جرمني جي رويي ۾ تبديلي

لنڊن(م ڊ) اسرائيل ۽ فلسطين جنگ جي حوالي سان برطانوي ۽ جرمن حڪومتن جي لهجن ۾ تبديلي آئي آهي. برطانوي ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن گڏيل طور تي غزا ۾ مستقل  جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي.سنڊي ٽائمز ۾ شايع ٿيل هڪ گڏيل ڪالم ۾ برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون ۽ جرمن هم منصب اينالينا بيئربوڪ لکيو ته غزا ۾ تمام گهڻا شهري مارجي ويا آهن، ۽ جنگ جاري نه ٿي سگهي.ٻنهي چيو ته اسرائيل کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق حاصل آهي پر ان کي بين الاقوامي انسانيت جي قانونن جي به پاسداري ڪرڻ گهرجي.

آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي دور جا ڳجها دستاويز جاري، وڏا انڪشاف

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا صدر جمي ڪارٽر جي دور جا 45 سال پراڻا ڳجهي سرڪاري دستاويز جاري ڪري ڇڏيا، دستاويزن مان افغان جهاد جي فنڊنگ بابت اهم  انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، واشنگٽن جي نيشنل سيڪيورٽي آرڪائيو صدر جمي ڪارٽر پاران افغان جهاد جي فنڊنگ لاءِ کنيل اهم قدمن تي ٻڌل ڳجهن دستاويزن کي پبلڪ لاءِ کولي ڇڏيو، مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد حسين سيد آمريڪي دستاويزن جي تصوير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا ۾ صدر ڪارٽر جي دوران جا سرڪاري دستاويز 42 سالن کان پوءِ جاري ڪيا ويا آهن. انهن دستاويزن مان خبر پئي آهي ته آمريڪا ڪارٽر دور ۾ ئي سي آءِ اي جي فنڊنگ سان افغان جهاد جي مدد شروع ڪئي هئي، دستاويزن موجب 1979ع ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر سي آءِ اي کان افغان جهاد جي پاڪستان ذريعي فنڊنگ جو حڪم ڏنو هو، ان حڪم تحت آمريڪا کي پاڪستان کي 2.1 ارب ڊالرن جي امداد ڏيڻي هئي جڏهن ته سعودي عرب کي به ايتري ئي رقم ڏيڻي هئي. دستاويزن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ سويت مداختلف جي افغان مخالفن کي سڌي ريت يا ٽئين ملڪ ذريعي خطرناڪ فوجي اوزار فراهم ڪيا وڃن.دستاويزن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سويت مداخلتف جي افغان مخالفن کي مخصوص قسم جي تربيت ڏيو، جيڪا افغانستان کان ٻاهر هجي ته جيئن اهي هٿيارن کي استعمال ڪري سگھن اها تربيت سڌي ريت به ڏئي سگھجي ٿي ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ ذريعي به ڏئي سگھجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.