ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي گهر مٿان فائرنگ، معجزاڻي طور محفوظ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي  ڊيفينس ۾ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اسحاق کهڙو جي گهر مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، واقعي ۾ اسحاق کهڙو معجزاڻي طور محفوظ رهيو،   ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اسحاق کهڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهر ۾ موجود هئس ته ڪار سوار هٿياربندن گهر مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، سندس گهر ڀاتي معجزاڻي طور محفوظ رهيا. هن چيو ته مافيا خلاف ڪارروائيون ڪيون آهن، نتيجي ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  اسحاق کهڙو جي حڪمن تي نگران حڪومت ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ غير قانوني عمارتون مسمار ڪيون ويون هيون، ڊي جي ايس بي سي اي اسحاق کهڙو غير قانوني طور عمارتون اڏيندڙن خلاف سرگرم هو. واقعي بابت ايس ايس پي ڏکڻ امجد حيات ۽ ڊي آئي ڏکڻ سيد اسد رضا سان عوامي آواز پاران رابطو ڪيو ويو، ٻنهي عملدارن واقعي بابت جواب نه ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.