ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ اڌ کان وڌيڪ ٽريفڪ سگنلز خراب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي معاملي بابت اجلاس ٿيو. نگران وڏي وزير سنڌ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 91 ٽريفڪ سگنلز آهن، جن مان 30 ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته 61 خراب آهن. سنڌ جي نگران وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ جيڪي گاڏيون اپلائيڊ فار رجسٽريشن تي هلندڙ آهن انهن کي بند ڪيو وڃي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ڊي آءِ جي ٽريفڪ اجلاس ۾ ٽريفڪ جي مسئلن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر ۾ 9077 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي گنجائش آهي، جڏهن ته هن وقت 2378 اهلڪارن جي کوٽ آهي. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ روزانو 9700 ٽڪيٽون اشو ٿيندا آهن ۽ هر سال 766.28 ملين رپيا ڏنڊ جي صورت ۾ وصول ڪيا ويندا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ حددخلين سبب ٽريفڪ جا مسئلا آهن.