غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي معصوم فلسطينين تي بمباري جاري آهي، اسرائيلي فوج جي البلاح ۾ پناهه وٺندڙ جي ڪيمپ تي حملن ۾ 47 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته جباليا ڪيمپ تي بمباري ۾ 14 فلسطيني شهيد ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب اتر غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 60 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي بمباري سبب شهيد فلسطينين جو انگ 19 هزار 76 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن، شهيدن ۽ زخمين ۾ اڌ کان وڌيڪ رڳو ٻار ۽ عورتون آهن. هوڏانهن حماس غزا ۾ اسرائيلي حملا مڪمل طور بند ٿيڻ تائين ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيلي وزيراعظم اهو به چيو آهي ته غزا ۾ جنگ جاري رهندي. حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو اسرائيل جا حملا بند ٿيڻ تائين يرغمالين جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندا ۽ هو حملا بند ٿيڻ تائين يرغمالين ۽ قيدين جي مٽا سٽا تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ جي موقف تي قائم آهن. ٻئي پاسي غزا ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. برطانوي ميڊيا موجب لنڊن ۾ احتجاجي ريلي دوران مظاهرين اسرائيلي سفير جي گهر پهچي ويا، جتي هنن ”فلسطين کي آزاد ڪريو ۽ غزه ۾ جنگ بند ڪريو“ جا نعرا هنيا. سويڊن ۾ به فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ٿيا ۽ گادي واري هنڌ سوين ماڻهن فلسطيني جهنڊو کڻي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. اسپين ۾ ٻارڙن سميت شهرين جي وڏي انگ پارليامينٽ سامهون مظاهرو ڪيو ۽ غزا جي ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو .