اسرائيلي فوج هٿان پنهنجن ئي فوجين جو قتل ٿيو: هيومن رائيٽس واچ

ڪراچي (م ڊ) اسرائيلي فوج جي هٿان پنهنجي ئي فوجين جي قتل تي هيومن رائيٽس واچ جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي، اسرائيلي فوج جي  هٿان حماس جي طرفان يرغمال بڻايل پنهنجي ئي فوجين جي قتل تي هيومن رائيٽس واچ ردعمل ڏنو آهي، هيومن رائيٽس واچ جي اسرائيل ۽ فلسطين جي لاءِ ڊائريڪٽر عمر شاڪر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پهريان گولي هڻو، پوءِ پڇو، اسرائيلي فوج جو قدم ان جي مشق جي نشاندهي ڪري ٿو، عمر شاڪر جو چوڻ هو ته يرغمالين جي قتل جو واقعو هٿين خالي ماڻهن تي اسرائيل جي غيرقانوني طور تي گولي هلائڻ جو ٽريڪ رڪارڊ به ظاهر ڪري ٿو، ٻئي پاسي عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي يرغمالن جي قتل بعد باقي مغوين جي آزادي جي لاءِ حماس سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ نيتن ياهو حڪومت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.