اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيئر سياستدان محمد علي دراني جو چوڻ آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي پاڪستان خلاف دهشتگردن وٽ ته جديد آمريڪي هٿيار ڪٿان اچي رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد علي دراني چيو ته آمريڪي هٿيارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان پاڪستان تي دهشتگردي جي نئين جنگ مسلط ڪئي پئي وڃي، آمريڪي هٿيار ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان فلسطينين خلاف اسرائيل ۽ پاڪستان خلاف دهشتگرد جنگ وڙهي رهيا آهن. محمد علي دراني چيو ته آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان پاڪستان جي مدد ڪري، اهو آمريڪا ۽ دنيا جي امن جي مفاد ۾ آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن دهشتگردن کي جديد هٿيارن جي فراهمي بند نه ڪئي وئي ته ٻيو 9/11 ٿيڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. بيان موجب دهشتگردن جي قبضي ۾ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي موجودگي عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.