پاڪستان جو تعليمي نظام ۽ ان جا مسئلا

طفيل مگسي

تعليمي نظام ڪنهن به ملڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جهڙي حيثيت رکندو آھي.ڪنهن به ملڪ جي خوشحالي وترقي جو اندازو ان ڳالهه مان چڱي نموني لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ملڪ پنهنجي تعليمي نظام ۾ ڪنهن حد تائين جديد ٽيڪنالوجي ڪورس ۾ شامل ڪري ٿو.گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ ايجادن ۽ معلومات کان نوجوان نسل کي ڄاڻ ميسر ڪرڻ نهايت ضروري آھي ته جيئن مستقبل ۾ اهي پنهنجي ملڪ وقوم جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن..

اڄ اسان جي پياري وطن پاڪستان جو ڳاڻيٽو انهن پٺتي پيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو.جيڪي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ نهايت ئي پوئتي رهجي ويا آھن.(جڏھن ته ڪرپشن ۾ خاص طور تي پاڪستان دنيا ۾ نمبر ون تي آھي)پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن جي فهرست ۾ شامل آھي .جيڪي ان ڳالهه کان بلڪل اڻواقف ۽ لاتعلق آھن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪورس ۾ تبديلين ۽ نئين ايجادن جي باري ۾ ڄاڻ ۽ معلومات نوجوان نسل جي لاءِ ڪنهن حد تائين ضروري آھي.پر ان جو هڪ افسوسناڪ ۽ درد ڀريو سبب اهو به آھي ته پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ اڄ به ڪيتريون ئي اهڙيون لاپرواهيون ۽ اقربا پروريون موجود آھن ۽ جنهن جي سبب هتان جو تعليمي نظام ڪنهن کٽ پيل ضعيف انسان جيان آھي.جيڪو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي .اسان جي ملڪ جي تعليمي نظام جو اهو پڻ وڏو الميو رهيو آھي ته هتي اڄ تائين پراڻي دور جو نصاب پڙھايو وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آھي ته جيڪي ملڪ پنهنجين حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن.تاريخ ۾ انهن جو نانءُ و نشان ئي نٿو رهي.حقيقت ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته تعليمي ڪورس ۾ تبديليون سالياني بنياد تي ڪيون وڃن ته جيئن نئين معلومات جي ميسري نوجوان نسل جي ڄاڻ ۽ شعور جي بيداري ۾ اهم رول ادا ڪري سگهن.

پاڪستان جي تعليمي نظام پيش ايندڙ مسئلن جي فوري حل جي لاءِ ڪجهه نيڪ نيتي سان قدم کڻڻ گهرجن.مثال طور نئين ڪورس کي شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ پراڻي ڪورس جي نئين سر کان جانچ پڙتال ۽ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪرڻ ضروري آھي۽ گڏوگڏ تعليم سان لڳاپيل عملي جي تربيت ۽ نگراني جي به سخت ضرورت آھي.

اڪثر ڪري شاگردن کي روٽ يادگيري وسيلي سبق سيکاريو وڃي ٿو.جنهن ڪري شاگرد نظرياتي ڄاڻ ۽ ان کي عملي طور تي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا. مقصد ته پاڪستان ڀلي چاهي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري .پر اهو ان وقت تائين ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي نٿو ٿي سگهي.جيستائين هن جي تعليمي نظام ۾ بهتري نٿي آندي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.