قومن جا استحصال ۽ رياستي سياست

رياض ابڙو 

نيشنل ڪميشن فار نيشنل انڪلوسونيس کي ان ڳالھه  جي سڌ هجڻ گهرجي ته رياست جون سڀ آفيسون سڀني قومن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ونڊڻ گهرجن، وزيراعظم سڀني قومن جو هجڻ گهرجي، هر صوبي کي انهن جو حق برابر ملندو رهي، هر صوبو ان آفيس ۾ ويهڻ جو حق رکي، صدر ٻين صوبن مان هجڻ گهرجن. ان ڪري ته آئيني گهرجون به ان ڳالھه  تي زور ٿيون ڀرن ته صدر جي هڪ صوبي جو هوندو ته وزيراعظم ٻئي صوبي جو هوندو، پر هر دفعي وزيراعظم پنجاب جو ڇو؟، بلوچستان مان ڪيترا وزير انهن عهدن تي پڄايا اٿن، سمجهن ٿا اهي ماڻهو به ان لائق بڻايا وڃن جو صوبن مان صدر به چونڊيا وڃن انهن صوبن مان وزيراعظم به چونڊرايا وڃن ۽ عسڪري آفيسون به ان برابري جي بنياد، ورڇ تي رکيون وڃن ته جيئن قومن مان احساس ڪمتري ختم ٿئي. ان ساڳي تناظر ۾ بنگالين جو به اهو ئي درد هيو ته انهن کي رياست جي سياست ۾ حصو ڏنو وڃي. اهي 6 نقاطي پروگرام کڻي آيا هئا جنهن جو مقصد به اهو ئي هئا. مثال اهي ان ڳالھه  جا قائل هئا ته مرڪز وٽ رڳو ٻه وزارتون هجن ”هڪ دفاع ۽ ٻيو فارين منسٽري“ باقي سڀ جون سڀ وازرتون هيٺ صوبن کي ڏنيون وڃن ۽ مرڪز ۾ به نمائندگي ڏني وڃي. هڪ صوبي جي ”مونوپولي“ نه هلايو، ڊڪٽيٽرشپ نه هلايو. ان ڪري جو صوبن جي حقن جي استحصالي ٿي ٿئي ۽ صوبن جا حق نه ڦٻايو، صوبن ۾ برابري وارا اصول اختيار ڪيو.

”ڊاڪٽر باربرا ايف والٽر“ (هڪ آمريڪي رائيٽر) به ان ڳالھه  جي پختي دعويدار آهي ته جيستائين فيڪشن معني ملڪ کي حصن ۾ ونڊڻ واريون پريڪٽسز هلنديون رهنديون تيستائين ماڻهن ۾ فرسٽريشن هلندي رهندي (ڊاڪٽر باربرا ايف والٽر جي ٿيوري ۽ اهڙي ڳالھه  سندس نئين ڪتاب “هائو وارز اسٽارٽ“ ۾ وڏي تفصيل سان ڏنل آهي) پر ان ساڳي ٿيوري جو ڳنڍُ اسان هن ڳالھه  سان ٿا ملايون ته پاڪستان ۾ به فيڪشن جي وڏي ڳالھه  آ. ڪجھه  سياسي ۽ لساني پارٽيون مذهبن جي دعويداري جي ڪري ووٽ بيئنڪ الڳ ٿلڳ ٺاهيون ويٺيون آهن، جنهن مان اهي ان فيڪشن جي ڳالھه  چٽي ٿا ڪن، جنهن ۾ انهن جي فرسٽريشن، سياست جي حرفت، سپرميسي جي ڳالھه  واضح آهي. ان ڪري اها ڳالھه  وري ان ساڳي تناظر ۾ قومن کي ڪنهن وڏي ڏچي ۾ کڻي ويندي، ڪنهن اونهي کاهي ۾ اڇلائيندي، جنهن مان نڪرڻ جو ڪو رستو مشڪل هوندو. ان ڪري جو بنگلاديش به ان ساڳي فيڪشن، فرسٽريشن جو نتيجو هو جنهن ۾ قومن کي اڻبرابري جي ورڇ ۾ رکيون آيا هئا، هاڻي جون حالتون به سڀاڻي گهرو ويڙھ جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿا.

اهي ڏينهن ويا جڏهن هڪ پارٽي سڄي ملڪ مان ووٽ ميڙي کڻي ويندي هئي، هڪ پارٽي جي فتح ممڪن هوندي هئي، پر آهستي آهستي ووٽ بيئنڪ، ماڻهن جو مائينڊسيٽ، ماڻهن جو رجحان ڦرندو رهيو. ماڻهن ۾ به ان ساڳي فيڪشن واري ڳالھه  نمايان ٿيندي وئي، جنهن مان اهي وري ساڳي لساني، مذهبي، شخصي سحر واري سياست، پسند، ناپسند واري ڳالھه  ۾ اڙجي ويا. سياست جي سڌي ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، ممڪن ناهي ته اهي فيڪش، حصا، ڀاڱا ٿيل سياست، ووٽ بينڪ هڪ ٿي به سگهي. مثال هاڻي واري تناظر ۾ ان ساڳي فيڪشن، ڀاڱي، ٽٽل روايتي سياست کي ڏسون ته نون ليگ جا نمائندا جيتري سياست پنجاب ۾ ٿا ڪن، جيتري سياست عمران خان ڪي پي ۾ ٿو ڪري اوتري حصيداري انهن ٻنهي پارٽين کي وري انهن ٻنهي صوبن (سنڌ بلوچستان) ۾ نه ٿي ملي. مثال 12 مارچ 2022 واري آئيني بحران کانپوءِ عمران خان جي لاءِ پنجاب مان ڪو به وڏو ڪٽڪ لهي نه آيو جو ان جي لانگ مارچ، اسلام آباد واري ڌرڻي کي ڪامياب ڪن ها. ساڳي ڳالھه  مريم نواز سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته اها صوابي، ڪوهاٽ، وزيرستان، مردان، سوات ۾ جلسا نه ٿي ڪري سگهي (يا نه ٿي ڪرائي سگهي) ان ڪري جو وڏي ليول، قومي سطح تي به سياست لساني، مذهبي فيڪشن ۾ ورهائجي ٿي وڃي.، وري ڪورنگي واري ضمني اليڪشن جي سيٽن واري چٽاڀيٽي واري ڳالھه  ڏسون ته اتي ايم ڪيو ايم سان ٽڪر واري سياست ۾ وري مذهبي گروهن جاءِ والاري ورتي آهي ۽ جنهن مان اها ڳالھه  به ثابت آهي ته سياست جنهن فيڪشنلزم ۾ وڌي ٿي اتي ووٽ بئينڪ مذهبي لاڙن جو شڪار به ٿئي ٿو ۽ مذهبي لاڙن ۾ واڌارو به ٿئي ٿو ان ڪري اتي ڪورنگيءَ واري سيٽ تي آگسٽ 2021 وري ضمني چونڊن ۾ ”ٽي ايل پي“ وارن جو ٻئي نمبر تي اچڻ به سياسي پارٽين جي ننڊ ڦٽائين جي برابر هيو.

ان ساڳي فيڪشن ۽ فرسٽريشن ۾ سياسي پارٽين جي ترقياتي ڪمن، فلاح ۽ بهبود وارين ڳالهين جي ڪري سياسي پارٽين جي گهرُ به رڳو اهو صوبو ٿو رهي. جيئن عمران خان وٽ پنهنجي حڪومتي دور ۾ رڳو ڪي پي جا منصوبا، ڪي پي ۾ ڪم ڪرڻ واري ڳالھه  هئي انهن کي صحت ڪارڊ، بي آر ٽي بسيون، آءِ ٽي پراجيڪٽ، بلدياتي منصوبا، ٻيا ترقياتي ڪم وغيره ۽ هن کي به رڳو ڪي پي جو عوام نظر آيو. ان ڪري صوبن ۾ جيڪو فرسٽريشن ۽ فيڪشن وارو رجحان آهي ان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿو اچي، ۽ اها شيءِ کٽي نه ٿي ۽ مرڪزيت واري رجحان ڏي نه ٿي وڌي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي صوبا بنا ڪنهن نفرت جي، بنا ڪنهن تعصب پرستيءَ جي ڪا ڳالھه  ڪندا به هجن. ان ڪري رياستي ادارا هٿ وٺي صوبن کي فرسٽريش ۾ ٿا رکن ته جيئن اهي مرڪزيت جا قائل هجن. ڳالھه  اها به آهي ته ڪي پي ۾ رڳو ڪجھه  مذهبي پارٽيون ٿيون کٽن، پي ٽي آءِ سوڀاري ٿئي،، گھڻي اڪثريت ماڻي. ساڳي ڳالھه  پنجاب ۾ به اچي وئي آهي  ته اهي ان ساڳي ٿيوري تحت پنجابين جو ووٽ رڳو پنجاب کي  ڏيندا رهندا، ان ڪري اها ساڳي ڳالھه  اسان جي شهرن ۾ به لاڳو ڪري سگهجي ته مخالف، مزاحمت کڻي وڌي به پر ڳالھه  اها به آهي ته ووٽ بيئنڪ مرڪزي جي سطح تي ٺاهڻ، کارڻ مسئلو آ. ان ڪري هاڻي سياست سڄي ملڪ ۾ هڪجيتري، هڪجهڙي ڪرڻ به سياسي پارٽين جي لاءِ وڏي چيلينج جي ڳالھه  آهي. ان ڪري ان ساڳي فرسٽريشن ۾ پارٽيون به ڦاسي پيون آهن ته اهي ڪي پي جي ٻولي ڳالهائن، ، رياست ڪڏهن سنڌيت جي ڳالھه  به ڪري. وري درد اهو به آهي ته پنجابي ڪڏهن به ٻين صوبن جي چڱائي ۽ عام ڀلائيءَ جي ڳالھه  زبان تي نه ٿا آڻن. ساڳي ڳالھه  بلوچستان سان به آهي ته اهي ويچارا پنهنجي پيرن جي هيٺان معدني دولتون کسڪي وڃڻ کانپوءِ به ظالمن جي صف ۾ بيٺل آهن. اهي پنهنجا حق وٺڻ جي لاءِ به باغي سڏيا ٿا وڃن، انهن کي مرڪز ۾ وازرتون نه هجڻ جي برابر ٿيون ملن.

پر الميو اهو به آهي ان ساڳي فيڪشن، فرسٽريشن ۾ سياست ايتري ته لساني ٿي وئي آهي  جو ووٽ ڏيڻ کان پهرين ان ڳالھه  جو ڌيان رکيو ٿو وڃي ته اهو وزير، اميدوارا ڪهڙي ٻولي سان تعلق ٿو رکي، سڀاڻي اهو انهن ماڻهن جي دردن جو درمان به ٿيندو، ساڳي اوپري ڳالھه  ڪندو. پوءِ اهڙي ڌاريي ماڻهو، وزير کي ڪير ووٽ ڇو ڏئي جو سڀاڻي اهو انهن جي بنيادي حقن جي به ڳالھه  نه ڪري. اها به ڳالھه  ڏٺي وئي آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي پنهجي ”هوم لئينگويجز“ ۾ سياسي گيت به ٺهرائن، ڳارائن به ٿيون جيئن هڪ سياسي جلسي ۾ جڏهن آڪٽوبر 2019 جي هڪ جلسي ۾ عمران خان اسٽيج تي چڙهيو ته ڪنهن ”ڊي جي“ سنڌي ۾ گانو هلايو ته ان کي فورن چيائين ته پشتو گانو هڻو، ان ڪري ته عمران خان پشتونن جو نمائنده اڳواڻ آهي ۽ ان ڪري ٻي ٻولي ۾ سياسي گانا، ترانا ٻڌڻ به گوارا ناهن. ان ڪري اها ساڳي ڳالھه  ان فيڪشن ۽ فرسٽريشن جي خاني ۾ ئي فٽ آهي ته سياسي اڳواڻ پاڻ ان ڳالھه  جا پوئلڳ آهن ته لساني سياست ڪجي، مذهبي فيڪشن واري سياست ڪجي جنهن ۾ فرقيواريت هجي جنهن ۾ انهن کي پڪ هجي ته اهي پنهنجي ڪميونٽي، ٽولي پرستن مان ووٽ کڻندا. هاڻي ان سڄي ڳالھه  ۾ اهو نتيجو نمايان آهي ته شيون ورهائجي ويون آهن ڄڻ 1971 واريون حالتون پيون جڙن، 1971 واري احساس ڪمتريءَ وري اڀاري ٿي وڃي، جنهن ۾ سياست ڪرڻ، اهڙي سياست تي، ووٽرن تي يقين ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي  ۽ سياسي اڳواڻن کي يقين آهي ته انهن جا اهي ووٽر ڪڏهن به نه ڦرندا ۽ اهڙي طرح قومن جي استحصال ممڪن ٿيندا ٿا وڃن جنهن ۾ قومون پنهنجا رستا پاڻ ٿيون جوڙن جنهن جو نقصان وري به مرڪز کي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.