رستم جي ڪچي ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي

لکي غلام شاھ/ چڪ/ پنوعاقل ( نمائندن وٽان) شڪارپور جي رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي ۾ فصل جي ڀيل تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، واقعي بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾  ڇڪتاڻ وڌي وئي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ چيمن سکپور ۾ فصل جي ڀيل تان سبزوئي جتوئين جي ٻن ڌرين گلزار ۽ عبدالرسول سبزوئي جتوئي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گلزار سبزوئي جي ڌر فائرنگ ڪري عبدالرسول سبزوئي واري ڌر جي نوجوان 18 سالن جي غلام شبير سبزوئي جتوئي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کانپوءِ مقتول جو مڙھہ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،. معلوم ٿيو آھي ته جوابدار ۽ مقتول ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سڳا ماسات هئا، فصل جي ڀيل تان واقعو پيش آيو آهي هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي جنهن کانپوءِ واقعو پيش آيو ، ٻئي طرف نوجوان جي قتل واري معاملي کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ڀڙڪي پئي، ڌرين جا ماڻهو هڪٻئي تي وقفي وقفي سان فائرنگ ڪندا رهيا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.